ڪورنگي مان اغوا ٿيل نينگري هٿ نه آئي، عدالت طرفان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) 15 ورهين جي نينگري هٿ نه اچي سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس آفيسرن کان جواب طلب ڪري ورتو، ڪورنگي مان اغوا ٿيل نياڻي ايمن جي  آزادي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، اي آءِ جي ڪراچي، ايس ايس پي انويسٽيگيشنڪورنگي ۽ جاچ آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪري 13 جنوري 2026 تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڪيل موجب نينگري جي اغوا کي هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود ڇوڪري نه ميل سگهي آهي ۽ نه ئي وري  جوابدار گرفتار ٿيو آهي.

  1. قومي اسيمبلي ميمبرن سفري وائوچرن جا تفصيل گهرڻ تي سراپا احتجاج

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سڀني قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان سفري وائوچرن بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، جنهن تي ميمبرن جي اڪثريت احتجاج ڪندي اهو معاملو اسپيڪر سردار اياز صادق آڏو کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔سومر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ قومي اسيمبلي جيسڀني ميمبرن کان پهرين جولاءِ کان 31 ڊسمبر تائين جاري ڪيل سفري واؤچرن بابت تفصيل گهريا، جنهن تي ميمبرن جي اڪثريت سفري وائوچرن جي استعمال بابت تفصيل گهرڻ تي احتجاج ڪيو۔ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن هن غير معمولي قدم تي خدشن جو اظهار ڪندي معاملو اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق آڏو کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي سالياني بنيادن تي ٻن قسطن ۾ تقريبن 12 کان 15 لک رپين ماليت جا سفري واؤچرز ڏنا ويندا آهن، جيڪي ميمبر پاڻ ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جي هوائي سفر لاءِ استعمال ڪندا آهن۔خرچن بابت جاري ڪيل فارم ۾ ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ٻڌائين ته وائوچرز ڪٿي استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته ميمبرن طرفان تفصيلون مهيا ڪرڻ بعد پهرين جنوري کان 30 جون 2026 تائين جا باقي واؤچرز جاري ڪيا ويندا۔ ٻئي پاسي، اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي هدايت تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان مخالف ڌر جي  چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر کي هڪ ڀيرو ٻيهر خط موڪليو ويو آهي۔قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب، هي خط اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سان لاڳاپيل عدالتن ۾ زيرِ التواء ڪيسن جي تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي۔ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته گهربل معلومات ملڻ بعد ئي مخالف ڌر اڳواڻ جي تقرري جو عمل اڳتي وڌايو ويندو، جڏهن ته ان سموري عمل ۾ سڀ آئيني ۽ قانوني گهرجون نظر ۾ رکيون پيون وڃن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.