ڪراچي واسين لاءِ نئين سال جو تحفو! سڀاڻي کان شهر ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلنديون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سڀاڻي کان صوبائي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ اورنج لائن کي گرين لائن سان ملائڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي هن اورنگي ٽائون ۾ اورنج لائن ڊپو جو جائزو پڻ ورتو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته هي پاڪستان جي پهرين بي آر ٽي آهي جنهن ۾ هڪ ئي ڪارڊ هلندو، هاڻي وڌيڪ ڪوشش ڪنداسين ته روزانو هڪ لک مسافر سفر ڪري سگهن.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته گرين لائن ۽ اورنج لائن جي مسافرن کي ڊبل ڀاڙو نه ڀرڻو پوندو، هاڻي هو هڪ ئي ڪارڊ تي اورنج ۽ گرين لائن ذريعي سفر ڪري سگهندا.
شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪراچي واسين لاءِ نئين سال جو تحفو آهي، ڊبل ڊيڪر بسون ملير کان شارع فيصل تائين هلنديون، جڏهن ته انهن جو ڪرايو پيپلز بس جيترو ئي رکيو ويو آهي.
هن چيو ته في الحال تجرباتي بنيادن تي ڊبل ڊيڪر بسن کي محدود پئماني تي هلايو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ ملير کان شارع فيصل تائين بسون هلايون وينديون، جڏهن ته چيف سيڪريٽري سان رابطو ڪري وڌيڪ ڊبل ڊيڪر بسون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.