ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَءَ ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، خالده ضياءَ جگر جي عارضي سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا هئي ۽ ڊگهو عرصي کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، جتي اڄ هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس لاڏاڻو ملڪ جي راڄڌاني ڍاڪا جي اسپتال ۾ مقامي وقت موجب صبح 6 وڳي ٿيو.
گذريل ڏينهن ڊاڪٽرن سندس حالت کي انتهائي ڳڻتي جوڳي قرار ڏنو هو، ان حوالي سان ميڊيڪل بورڊ جي ميمبر ڊاڪٽر ضياءُ الحق جو چوڻ هو ته خالده ضياءَ کي لائف سپورٽ تي رکيو ويو آهي ۽ باقاعدگي سان ڊائليسس ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڊائليسس روڪڻ سندس حالت ۾ بگڙي وڃي ٿي، جڏهن ته وڏي عمر ۽ ڪيئي پيچيده بيمارين سبب هڪ ئي وقت هر بيماري جو علاج ممڪن ناهي رهيو.
خالده ضياءَ ڪير هئي
خالده ضياءَ بنگلا ديش جي پهرين جڏهن ته مسلم دنيا ۾ بينظير ڀٽو کانپوءِ ٻي عورت وزيراعظم بڻي، هن 1991 کان 1996 ۽ وري 2001 کان 2006 تائين ملڪ جي وزيراعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون.
خالده ضياءَ بنگلا ديش جي اڳوڻي صدر ضياءَءُ الرحمان جي گهرواري هئي.
سياسي ڪيريئر دوران مٿس ڪرپشن جا الزام پڻ لڳا، کيس 2018 ۾ پنجن ورهين لاءِ قيد ڪاٽڻي پئي.
اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد سان سندس ڊگهي عرصي تائين سياسي ڇڪتاڻ رهي، نيٺ شيخ حسينه واجد کي گذريل سال حڪومت ڇڏڻي پئي هئي.
ياد رهي ته خالده ضياءَ جو پٽ ۽ بنگلا ديش نيشنلسٽ پارٽي جو عبوري چيئرمين طارق رحمان ڪجهه ڏينهن اڳ 17 ورهين جي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس پهتو هو، سندس واپسي اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن بنگلا ديش ۾ اهم چونڊون ٿيڻ واريون آهن.
طارق رحمان 2008 ۾ 18 مهينا قيد ڪاٽڻ کان پوءِ علاج ۽ ٻين سببن جي بنياد تي برطانيا هليو ويو هو.