بنگلاديش پريميئر ليگ جون شيڊيول ميچون ملتوي، ڪارڻ سامهون اچي ويو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي جي سوڳ ۾ بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل ) جون شيڊيول ميچون ملتوي ڪيون ويون.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ميچن جي نئين شيڊيول جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
واضح رهي ته خالده ضياءَءَ ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، خالده ضياءَ جگر جي عارضي سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا هئي ۽ ڊگهو عرصي کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، جتي اڄ هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس لاڏاڻو ملڪ جي راڄڌاني ڍاڪا جي اسپتال ۾ مقامي وقت موجب صبح 6 وڳي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.