لاهور (ويب ڊيسڪ )پنجاب جي تعليم واري وزير راڻا سڪندر حيات 2025 کي تعليم جي بهتري لاءِ قدمن جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته خانگي تعليمي ادارن جي شاگردن کي به هزارين جي انگ ۾ ليپ ٽاپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
صوبائي وزير سال 2025 ۾ تعليم کاتي جي ڪارڪردگي بابت چيو ته گذريل سال جيان 2025 به تعليم جي بهتري لاءِ قدمن جو سال رهيو.
راڻا سڪندر حيات موجب، تعليمي ادارن مان 20 لک گهوسٽ انرولمينٽ ختم ڪيا، 26 هزار استادن جي ريشنلائيزيشن ذريعي ٽيچر شارٽيج تي ضابطو آندو ويو، سليبس ريفارمز تي تاريخي ڪم ٿيو، امتحاني سڌارا آندا ويا ۽ بورڊن کي اي مارڪنگ ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
هن چيو ته پنجاب حڪومت ارلي چائلڊ هوڊ ايجوڪيشن تي ڌيان ڏنو، 10 هزار اسڪولن ۾ اي سي اي رومز ٺاهيا ويا جڏهن ته روزانو 11 لک شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نيوٽريشن پروگرام مان فائدو ڏياريو پيو وڃي.
پنجاب جي وزير تعليم موجب صوبي ۾ 268 اسڪول اپ گريڊ ڪيا ويا، استادن جي هراساني جا 37 ڪيس فيصلي تائين پهچايا ويا ۽ خانگي تعليمي ادارن جي شاگردن کي به 10 هزار ليپ ٽاپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته 450 ڪاليجن ۾ ميرٽ جي بنياد تي پرنسپلز ۽ 29 يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي مقرري جو عمل مڪمل ڪيو ويو.
You might also like