پاڪستان اسرائيل پاران صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ وارو اعلان رد ڪري ڇڏيو، فلسطينين جي بيدخلي ناقابلِ قبول قرار

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، اسرائيل جي صومالي لينڊ کي قبولڻ واري اعلان کي رد ڪندي فلسطيني عوام جي ڪنهن به بيدخلي جي ڪوشش کي ناقابلِ قبول قرار ڏئي ڇڏيو.
صومالي لينڊ کي ملڪ تسليم ڪرڻ وارن اسرائيلي قدمن تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو، پاڪستان جي نائب نمائندي عثمان جدون اجلاس کي خطاب ڪندي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ وارو اسرائيلي اعلان رد ڪري ڇڏيو.
پاڪستاني نمائندي سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪيو ته اسرائيل غزه مان فلسطينين کي دربدر ڪري صومالي لينڊ موڪلڻ چاهي ٿو.
عثمان جدون جو چوڻ هو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي بيدخلي جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪري ٿو، هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته فلسطين مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ٻه رياستي حل ذريعي ڪڍيو وڃي.
هن سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته صومالي حڪومت ملڪي استحڪام لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر اسرائيلي رويو غير ذميواراڻو آهي ۽ خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته اهو قدم بين الاقوامي قانونن جي کُلي ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان صوماليه جي خودمختياري ۽ سالميت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
ياد رهي ته اسرائيل پاڻمرادو جمهوريه صومالي لينڊ کي آزاد ۽ خودمختيار رياست طور باقاعدي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سمورن مسلم ملڪن اسرائيلي قدمن کي رد ڪندي ان معاملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.