پي آءِ اي جو اسلام آباد کان لنڊن لاءِ به اُڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان، تفصيل پڌرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي مانچسٽر کانپوءِ اسلام آباد کان لنڊن لاءِ به اُڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي آءِ اي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد کان لنڊن لاءِ هفتيوار 4 اُڏامون آپريٽ ڪيون وينديون، جڏهن ته لنڊن جون اُڏامون هيٿرو هوائي اڏي جي جديد ترين ٽرمينل 4 تان آپريٽ ٿينديون.
قومي ايئرلائن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته لنڊن لاءِ پي آءِ اي جي پهرين اُڏام 29 مارچ کان رواني ٿيندي.
ترجمان موجب، پي آءِ اي جي لنڊن لاءِ اُڏام 6 سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ شروع ڪئي پئي وڃي، لنڊن پي آءِ اي جو سڀ کان پهريون عالمي ۽ نهايت پرڪشش روٽ آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته اڳ ئي مانچسٽر لاءِ هفتيوار ٽي اُڏامون آپريٽ ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.