چيف جسٽس جي ننگر پارڪر آمد دوران ڪارونجهر بچائڻ لاءِ احتجاج

ننگرپارڪر(رپورٽ:غازي بجير)چيف جسٽس يحيٰ آفريدي  جي ننگرپارڪر آمد دوران نوجوانن چيف جسٽس آڏو ڪارونجھر ڪٽائي خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ٻن ڏينهن جي دوري تي ننگرپارڪر پهچي ويو آهي، چيف جسٽس اڄ ڪارونجهر جبل،ڪاسبو ۽ ٻين سياحتي هنڌن جو دورو ڪندو،  ننگرپارڪر شهر ۾ چيف جسٽس جي آمد جي موقعي تي ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو ۽ مصطفيٰ دل جي اڳواڻي ۾ رهواسين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪارونجهر بچائڻ لاءِ احتجاج ڪيو پر چيف جسٽس احتجاج ڪندڙن کي نظراندز ڪري ڪارونجهر اڳتي روانو ٿي ويو. چيف جسٽس رات روپلو ڪولهي موٽل ننگرپارڪر پهتو، اڄ چيف جسٽس ننگرپارڪر جي مقامي عدالت ۾ ججن ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪندو ۽ ننگرپارڪر عدالت ۾ قائم اي لائبريري سسٽم جو به دورو ڪري افتتاح ڪندو،ٻئي طرف چيف جسٽس جي دوري دوران سياحتي هنڌن ۽ رستن تي سخت سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ڪارونجهر سجاڳ فورم پاران چيف جسٽس جي گذرگاهه واري رستي جي ٻنهي پاسن تي سوين ماڻهن پاران "سيو ڪارونجهر” جا بينر کڻي پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺل رھيا. چيف جسٽس جي آمد دوران ڪارونجهر سجاڳ فورم پاران ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ ننگرپارڪر جي مختلف هنڌن تي "سيو ڪارونجهر” جا پينا فليڪس لڳايا ويا آهن،

  1. چيف جسٽس جي دوري تي ميڊيا کي پهچ نه ڏني وئي

اسلام ڪوٽ:چيف جسٽس جو محدود دورو ھجڻ ڪري ميڊيا کي ڪوريج کان پري رکيو ويو، جنهن سبب ڦوٽو گرافي به نه ٿي سگهي. ذريعن موجب ميڍيا کي ڪوريج ڪرڻ سميت ڦوٽو ڪڍڻ کان منع ڪئي وئي ھئي،ذريعن موجب چيف جسٽس پنھنجي گھرواري سان نجي دوري تي پھتل آھي اڄ مٺي ۾ ٺھيل نئين سيشن ڪورٽ جو افتتاح ڪندو،ٻڌايو پيو وڃي ته چيف جسٽس باءِ روڊ ننگرپارڪر پھتو آھي،

  1. چيف جسٽس جو قافلو گذرڻ دوران گڏهه رستي ۾ اچي ويا

اسلام ڪوٽ:چيف جسٽس جي گذرڻ دوران قافلي ۾ گڏھ ڊوڙي داخل ٿي ويا،گاڏين جي اسپيڊ نارمل ھجن ڪري قافلي ۾ شامل گاڏيون اتفاقي ھڪٻئي سانٽڪرائجڻ کان بچي ويون،قافلو اسلام ڪوٽ ۾ رينجرز چيڪ پوسٽ موڙ کان اڳتي مڙيو ته وچ۾ رولو گڏھ ڪاھي پيا جنھن سبب گاڏيون سلوو ٿي رڪجي ويون ۽ بعد ۾ قافلو اڳتي ننگرپارڪر ڏانھن روانو ٿيو،انھي کان اڳ ۾ قافلي اڳيان ھڪ ملنگ اچي ويو جن کي پوليس اهلڪارن ڪڍي ورتو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.