اسلام آباد(امداد سومرو)2024 ۾ به ساڳيون ڪوششون ٿيون هيون ته چونڊون نه ڪرايون وڃن، نگران حڪومت کي وڌايو وڃي، پر قاضي فائز عيسيٰ آئين تي عمل ڪرائي چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائي ڇڏيون۔ان وقت به امن امان جو جواز ڏنو ويو، مولانا فضل الرحمان به چونڊن جي مخالفت ڪئي هئي۔هاڻي 2022 کان وٺي اڄ تائين، پي ڊي ايم، ڪاڪڙ حڪومت ۽ موجوده حڪومت سميت لڳ ڀڳ چار سال ٿي ويا آهن، پر چيو پيو وڃي ته هي نظام گهربل نتيجا نه ڏئي سگهيو آهي۔شروع ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل ٿئي، پر هنن وزارتون وٺڻ کان انڪار ڪيو۔ پوءِ به “آئيڊيل سسٽم” ٺاهيو ويو، پر ان باوجود چيو پيو وڃي ته نظام ڪم نٿو ڪري، ڇا سياسي پارٽيون بنا مزاحمت هٽي وينديون؟نه ن ليگ، نه پيپلز پارٽي، نه ئي تحريڪ انصاف اهڙي بندوبست کي قبول ڪندي۔جيڪڏهن سڀ پارٽيون مخالفت ۾ اچي ويون ته “هڪ صفحو” ختم ٿي ويندو، ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندو۔سياسي طور اهڙو بندوبست ممڪن نظر نٿو اچي۔خيال آهي ته موجوده سسٽم کي مڪمل طور ختم ڪرڻ بدران، ان کي هلائڻ ۽ سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڇو ته ماضي جا تجربا ٻيهر ورجائڻ ملڪ لاءِ وڌيڪ نقصانڪار ٿي سگهن ٿا.