صدر زرداري جي ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري

نئون ديرو(ن ع آ) صدر پاڪستان آصف علي زرداري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، مادرجمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي گل نڇاور ڪري فاتح خواني ڪئي.. صدر پاڪستان آصف علي زرداري شهيدن جي مزارن سامهون ويهي ڪلام پاڪ جي تلاوت پڻ ڪئي. ملڪي صدر آصف علي زرداري جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچڻ کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور تي خالي ڪرايو ويو. سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. صدر پاڪستان آصف علي زرداري شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ صدر هائوس نئون ديرو ۾ چار ڏينهن قيام ڪرڻ بعد ٻن ڏينهن جي دوري تي نواب شاھ روانو ٿي ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.