ڪنڌڪوٽ ۾ ملڪيت تان قتل ٿيل پيءُ پٽ جو ڪيس داخل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ ملڪيت جي معاملي تي قتل ٿيل پيءُ پٽ جو ڪيس داخل گرفتار  ٿيل ھڪ عورت سميت ٽن جوابدارن ۽ چار اڻ سڃاتل جوابدار نامزد ڪيا ويا ملڪيت جي معاملي تي ويڳي ڀاءُ ذيشان گولو ۽ سندس ساٿين جي مدد سان قتل ٿيل عارف گولو، سندس پٽ عاشر گولو جو قتل ڪيس مقتول عارف جي سالو صدام حسين گولو جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي گرفتار ٿيل جوابدارن ذيشان گولو، سندس ڀائيٽيو سمير گولو ڀاڄائي شھنيلا عرف بيلا زال سرفراز عرف دانش عباسي ۽ چار اڻ سڃاتل جوابدار شامل ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو،  فريادي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان دعوت تي ماروٽ ذيشان گولو وٽ آياسين ته ذيشان گولو ۽ سندس چار اڻ سڃاتل جوابدارن اسان کي ڪمري ۾ بند ڪري ملڪيت جي معاملي تان پيءُ پٽ کي بيدردي سان قتل ڪري باهه ڏئي هڏا ٻورن ۾ وجهي درياهه ۾ اڇلائي آيا، اسان اُتان ڀڄي نڪتاسين اڻڄاتل ماڻهن کي سامهون ڏسي سڃاڻي وينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.