زوري حڪومت مڙهي وئي، هنن کان ادارا ئي نه پيا هلي سگهن: فضل الرحمان

خانپور (م ڊ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نفرت جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي، اسان تي زور زبردستي جي حڪومت مڙهي وئي هئي. پنجاب جي خانپور ۾ جامع مخزن العلوم مدرسي  ۾ خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ملڪ ۽ قوم جي خدمت تي يقين رکون ٿا. جيستائين ايمان آهي، الله جي رحمت اسان سان گڏ آهي، جيڪڏهن ايمان ڪمزور آهي ته پوءِ گادي نشيني جي  سياست شروع ٿي وڃي ٿي، درگاهن ۽ مريدن سان رابطو ضروري آهي، درگاهن ۾ توهم پرستي کي ختم ڪرڻ ۾ عالمن جو ڪردار اهم آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته قانون ۽ آئين پارليامينٽ ۾ آهن، فرقن کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي، نفرت جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي، اسان تي زبردستي حڪومتون مڙهيون وينديون آهن.  هن چيو ته حڪومت سرڪاري ادارا نه هلائي سگهي، پي آءِ اي وڪرو ڪئي وئي، اسان جو واضح موقف آهي ته مدرسا انتها پسندي پيدا نه ٿا ڪن، اچو ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪريون ۽ فيصلن تي عمل ڪرايون. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان ضد ڪندا ته اسان به ڪنداسين، اقليتي حقن جي ڪميشن تي ڪو اعتراض ناهي، پر قانون کي اورانگهڻ قبول ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.