ڪوٽڙي (جبار ڪابورو) ڊاڪٽر جيجي درشهوار سيد جي 29هين ورسي جي موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ ليڊيز فرنٽ پاران عورتن جو جلسو عام ڪوٽڙي ڳاڙهو گهوٽ گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو. جلسي `جي صدارت ليڊيز فرنٽ اڳواڻ ميڊم ياسمين ٿيٻو ڪئي، جڏهن ته نازيه سولنگي ميزباني جا فرائض سرانجام ڏنا.جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته ملڪ هن وقت انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ عوام، خاص طور عورتن کي پنهنجي حقن لاءِ منظم جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن ڊاڪٽر جيجي درشهوار سيد جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هوءَ عورتن جي شعور ۽ جدوجهد جي علامت هئي.78 سالن کان اربين رپين جا بجيٽ ايندا رهيا آهن، پر اڄ به ميونسپل ٻولهاڙي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نلڪن وسيلي مهيا نٿو ٿئي. دنيا اڄ خلائن (اسپيس) ڏانهن وڃي رهي آهي، پر هتي اڃا تائين بنيادي سهولتون تعليم، صحت ۽ بجلي ميسر ناهن.ملڪ اندر مفادن پرست ٽولا ويٺل آهن، اهي سياستدان هجن، ڪامورا هجن يا ملڪ جا صدر، سڀ ڪرپشن ۾ ٻڏل آهن. هاڻي اسان کي يونين ڪائونسل کان وٺي ميونسپل، صوبائي ۽ قومي سطح تائين پاڻ اڳتي اچڻو پوندو.سامونڊي ۽ پٽيون زمينون وڪرو ڪيون پيون وڃن، تنهن ڪري سڀني کي تبديلي لاءِ گڏ ٿي اڳتي وڌڻو پوندو،هن چيو ته مرڪز ۾ سياست ڪندڙ پارٽيون رڳو پنهنجن ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ سوچين ٿيون، ملڪ ۽ قوم لاءِ نه.اسان جو حصو مرڪز ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت سبب کائي وڃن ٿا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران پاڻي جي ڌاڙي خلاف جڏهن اسين روڊن تي نڪتاسون، تڏهن به اسان جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،هن چيو ته ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سنڌ کي ڪمزور ۽ ٽوڙڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن.اچو ته سڀ گڏجي ملڪ ۽ سنڌ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪريون. تبديلي عوامي طاقت سان اچي سگهي ٿي، ڏاڍي ۽ جبر سان نه.جيڪڏهن ووٽ ڏيو ته سنڌ لاءِ ڏيو، ايمانداري لاءِ ڏيو. ملڪ ۾ بي ايماني، ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جي وچ ۾ فرق سڃاڻو. ڪوڙا ڪيس ٺاهي هيسائڻ جو دور هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. جڏهن ڪروڙين ماڻهو اٿي بيٺا آهن ته پوءِ ڪو به ظلم قائم نٿو رهي سگهي.صوبن کي ورهائڻ واري ايجنڊا تي گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، جڏهن ته نوان صوبا ٺاهڻ جو ڪو به واضح نڪتو آئين ۾ موجود ناهي. هن چيو ته اسين ڀرپور جدوجهد ڪنداسين.اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نوان تڪرار پيدا ڪيا وڃن ٿا.