سپريم ڪورٽ فوتي ڪوٽا بابت سنڌ حڪومت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ مرحوم سرڪاري ملازمن جي ڪوٽا بابت سنڌ حڪومت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن۔ عدالتِ عظميٰ مرحوم سرڪاري ملازمن جي ڪوٽا تحت نوڪري  بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي چيو آهي ته
جيڪي ڪيس اڳ ۾ ئي اڪلائجي چڪا آهن، تن کي ٻيهر کولهي نٿو سگهجي،سپريم ڪورٽ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۾ ڪو به قانوني نقص موجود ناهي، ۽ڪوٽا سان لاڳاپيل قانونن جي منسوخي واري فيصلي کي ماضي تي لاڳو نه ڪيو وڃي۔عدالت وڌيڪ چيو ته جنرل پوسٽ آفيس (GPO) ڪيس جو فيصلو اڳ ۾ نمٽايل ڪيسن تي لاڳو نه ٿيندو، ڇو ته عدالتي فيصلا اصولي طور مستقبل تي لاڳو ٿيندا آهن، جيستائين ماضي تي لاڳو ڪرڻ بابت واضح طور نه چيو وڃي۔سپريم ڪورٽ ريپ ڪيس کي رضا مندي سان زنا جي ڪيس ۾ تبديل ڪري ڇڏيوواضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مرحوم سرڪاري ملازمن جي وارثن کي نوڪريون ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا،۽ 2019 کان 2023 تائين وارثن کي نوڪريون ڏيڻ بابت حڪم ڏنا ويا هئا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.