عملي جي نالي تي ماڻهن جي لوڌ ڀرتي ڪرڻ سان تخليقي ڪم متاثر ٿئي ٿو: نواز الدين صديقي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي ورسٽائل اداڪار نوازالدين صديقي عملي جي نالي تي ماڻهن جي لوڌ گڏ کڻي هلڻ واري بحث تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جڏهن ننڍي ٽيم اثرائتي نموني ڪم ڪري سگهي ٿي ته پوءِ ايڏي وڏي انگ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
وڏي عملي کي ساڻ کڻي هلڻ واري بحث تي ويچار ونڊيندي 51 ورهين جي نوازالدين واضح ڪيو ته هو سفر دوران پاڻ سان ننڍڙي ۽ محدود ٽيم رکڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، ڇو ته ان صورت ۾ ڪم وڌيڪ اثرائتي نموني ٿيندو آهي.
هن چيو ته هو اصل ۾ گهٽ ماڻهن سان ڪم ڪرڻ پسند ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح ٽيم بهتر نموني ڪم ڪري ٿي.
هن هر شعبي لاءِ ڪيترن ئي اسسٽنٽن رکڻ واري منطق کي به بيڪار قرار ڏيندي چيو ته جڏهن ننڍڙي ٽيم اثرائتي نموني ڪم ڪري سگهي ٿي ته پوءِ وڏين ٽيمن ۽ ايتري ماڻهن جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
هن چيو ته اوور اسٽافنگ سبب ڪم گهٽ ٿيندو آهي ۽ گهٽ ئي ڪو تخليقي مقصد پورو ٿي سگهي ٿو.
نوازالدين اهو به مڃيو ته هر اداڪار جو پنهنجو ڪمفرٽ زون ۽ ڪم ڪرڻ جو انداز هوندو آهي، پر هن زور ڏنو ته ذاتي ترجيحون غير ضروري يا وڌايل فرمائشن ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجن.
هن چيو ته پروفيشنل رويو اهو آهي ته سمجهيو وڃي ته ڪم ۽ تخليقي عمل لاءِ اصل ۾ ڇا ضروري آهي، ان سان گڏوگڏ اها به حقيقت آهي ته اهو معاملو اداڪار ۽ پروڊيوسر جي وچ ۾ هوندو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو پروڊيوسر ڪنهن جي فرمائش مڃي خوش آهي ته پوءِ مون کي ڪجهه چوڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ مان ته رڳو ننڍڙي ٽيم سان ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.