سفر دوران مٿو ڦري ۽ هيانءُ ڪچو ٿئي ته ڇا ڪجي؟ ڄاڻيو گھريلو ٽوٽڪا

جهاز، ريل، سامونڊي جهاز يا گاڏي جي سفر دوران ڪڏهن به اوچتو هيانءُڪچو ٿيڻ ۽ مٿي کي چڪر اچڻ جي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.

ان کي طبي ٻولي ۾ موشن سڪنس چيو ويندو آهي جنهن جو شڪار ماڻهن جو هيانءُڪچو ٿيڻ، اوڪارا اچڻ مٿو ڦرڻ ۽ ٻيا مسئلن کي منهن ڏيندا آهن.

اها هڪ پراسرار بيماري آهي جنهن جو بنيادي سبب خبر ناهي پئجي سگھو پر ڳالهه ته واضح آهي ته موشن سڪنس کي ان وقت منهن ڏنو ويندو آهي جڏهن جون حسون دماغ کي ضدي پيغام موڪلينديون آهن.

مثال جي طور تي اوهان ڪنهن جهولي ۾ ويٺا آهيو جيڪو مٿان کان هيٺ اچي رهيو آهي ته اسان جون اکيون هڪ شيءِ کي ڏسنديون آهن، مسلز ۽ ڪنهن ٻي شيءِ کي محسوس ڪندا آهن جڏهن ته اندروني ڪن کي بلڪل مخلتف احساس ٿيندو آهي.

اسان جو دماغ اهڙن ضدي سگنلز کي برداشت ناهي ڪري سگھندو جنهن جو نتيجو مٿي کي چڪر اچڻ يا هيانءُڪچو ٿيڻ ۾ نڪرندو آهي.

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ان مسئلي کان بچڻ گھڻو ڏکيو ناهي هوندو.

ان حوالي سان ڪجهه بهترين گھريلو ٽوٽڪا بيان ڪجن ٿا.

لونگ

لونگ جراثيم ڪش هوندا آهن هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند سمجهيا ويندا آهن.

اهو ئي سبب آهي جو ان جو استعمال گاڏي ۾ سفر دوران هيانءُڪچو ٿيڻ جي روڪٿام ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

ان مقصد لاءِ سفر دوران لونگ کي چٻاڙڻ سان فوري طور تي رليف ملي سگھي ٿو.

زيرو

زيرو به هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند سمجهيو ويندو آهي.

جيڪڏهن سفر دوران مٿي کي چڪر اچن يا هيانءُڪچو ٿيڻ جو تجربو ٿيندو آهي ته زيري کي پاڻي ۾ ملائي پيئڻ سان ان مسئلي کان بچڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

ڦودنو

ڦودنو به جراثيم ڪش هوندو آهي ۽ هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند آهي.

سفر دوران ڦودنا جا ڪجهه پن چٻاڙڻ سان موشن سڪنس جي شدت گھٽائڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ليمي جو عرق

ليمي جو عرق به ان حوالي سان مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.

ليمي جي عرق کي پاڻي ۾ گڏائي پيئڻ سان مٿي کي چڪر اچڻ يا هيانءُڪچو ٿيڻ کان بچڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

ادرڪ

جيڪڏهن ادرڪ موجود آهي ته ان جي ٿوري مقدار کي چٻاڙڻ به فائديمند ٿي سگھي ٿو.

ننڍا ڦوٽا

ننڍا ڦوٽا به هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند هوندا آهن ۽ انهن کي کائڻ سان موشن سڪنس جي شدٽ گھٽبي آهي.

جيڪڏهن اوهان کي سفر دوران مٿي کي چڪر اچڻ يا هيانءُڪچو ٿيڻ جو مسئلو ٿئي ته ننڍن ڦوٽن کي چٻاڙڻ سان رليف ملي سگھي ٿو.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر کان به ضرور مشورو وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.