ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قدرتي شين ۾ جي فائدن جي حوالي سان ته سڀ واقف هوندا آهن، هر شئي پنهنجون پنهنجون خاصيتون رکي ٿي، ان ڏس ۾ وڏڦ ۽ مصري ملائڻ جا به انيڪ فائدا آهن ۽ گهڻن ئي ماڻهن کي مصري ۽ وڏڦ ملائڻ کائڻ پسند به آهي.
ان سان ساهه جي تازگيءَ سان گڏوگڏ هاضمي وارو نظام به بهتر ٿيندو آهي، جيڪڏهن اوهان هن شئي کان پري آهيو ته هن جا فائدا ڄاڻي اوهان به ضرور استعمال ڪندا.
کاڌي کان اڳ ٿورڙي مصري ۽ وڏڦ ملائڻ کائڻ سان ساهه کڻڻ ۾ ڪنهن به قدم جي بوءِ ختم ٿي ويندي آهي ۽ هاضمو درست ڪم شروع ڪري ڇڏيندو آهي.
مصري کائڻ سان رت جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته مصري جو استعمال يادداشت کي به بهتر بڻائي ٿو ۽ دماغي ٿڪاوٽ به گهٽائي ٿو.
گرم کير ۾ ٿورڙي مصري ملائي سمهڻ کان اڳ پي ڇڏجي ته يادداشت بهتر ٿي ويندي، مصري کي پاڻي ۾ حل ڪري پيئڻ اکين جي نور کي تيز ڪري ٿو جڏهن ته وات جو ذائقو بهتر بڻائڻ لاءِ به اها ڪارائتي آهي، ان سان جسماني توانائي به حاصل ٿئي ٿي ۽ نڪ ۽ جي صحت لاءِ به مددگار آهي.
اهو خيال رکجي ته مصري مٺاڻ آهي ان لاءِ هن کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪجي، شگر جي مريضن کي ان کان پري رهڻ گهرجي جڏهن ته استعمال معمول بڻائڻ کان اڳ ڊاڪٽر سان صلاح ڪجي.