ڪيچ ۾ چار گهر ڀاتي کنڀجڻ خلاف ڌرڻو،سي پيڪ شاهراهه بلاڪ

ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ ٻن عورتن سميت چار ماڻهن جي مبينا جبري گمشدگي خلاف جاري ڌرڻي سبب گوادر ۽ ڪوئيٽا کي ملائيندڙ سي پيڪ شاهراهه خميس تي ٽئين ڏينهن به بند رهي۔ساڳئي خاندان سان تعلق رکندڙ انهن ماڻهن جي بازيابي لاءِ عورتن ۽ ٻارن ڪرڪي تجابان واري علائقي ۾ ڌرڻو هنيو جنهن سبب شاهراهه تي وڏي تعداد ۾ گاڏيون ڦاٿل آهن۔تربت سان تعلق رکندڙ وڪيل مجيد شاه ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته انهن ماڻهن کي ٻن مختلف علائقن مان “لاپتا” ڪيو ويو آهي۔مقامي پوليس موجب، ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي۔مجيد شاه ايڊووڪيٽ موجب، عورتن سميت چارئي ماڻهو حب ۽ تربت مان لاپتا ڪيا ويا آهن، جن ۾ هاني دلوش، حيرالنساء، مجاهد علي ۽ فريد اعجاز شامل آهن۔هاني دلوش جي ڀاءُ علي جان فون تي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ هاني دلوش اٺ مهينن جي ڳورهاري آهي، جنهن کي منهنجي ٻي ڀيڻ خيرالنساءَ سان گڏ 20 ڊسمبر جي رات حب ۾ گهر مان کنيو ويو، جڏهن ته مجاهد علي کي تربت شهر مان زبردستي لاپتا ڪيو ويو،هن چيو ته اسان حڪومت کان اپيل ڪريون ٿا ته عورتن سميت خاندان جي سڀني ماڻهن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي۔بلوچستان مان لاپتا ماڻهن جي وارثن جي تنظيم وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي چيئرمين نصرالله بلوچ پڻ انهن ماڻهن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.