ڪوئيٽا(عوامي آواز رپورٽ)پشتونخوا ميپ جي سربراهه ۽تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ محمود اچڪزئي چيو آهي ته پنجاب جي عدليه،فوج،سياستدانن جي غلط سوچ آئين بنجڻ نه ڏنو،بنگال جي آبادي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هتي ون يونٽ مڙهيو ويو،خان عبدالصمد اچڪزئي جي ياد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان بدترين بحرانن ۾ مبتلا آهي،اسان کي اهڙو پاڪستان کپي جتي انصاف جو بول بالا هجي،جنهن ۾ پارليامينٽ طاقت جو سرچشمو هجي،آئين سربلند هجي،هن چيو ته گهرو ۽ پرڏيهي پاليسيون پارليامينٽ مان ٺهڻ گهرجن،هن چيو ته عمران خان جي دشمني ۾ پي ڊي ايم ٺهي هئي ان جو هڪ اڳواڻ فخر سان چوي ٿو ته مان 30 سالن کان اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو نور آهيان،شرم جي ڳالهه آهي،هن چيو ته پي ڊي ايم جو نڪتو اهو هو ته فوج سياست کان پري رهندي،اسان کي هي ملڪ پيارو آهي،اسان هن فوج کي پاڪستان جي فوج سڏيو جيڪا پنجاب جي چئن ضلعن جي فوج آهي،پاڪستان ۾ اسان جي وڏن کي ان ڪري جيل ۾ رکيو ويو ڇو ته انهن چيو ته هر ماڻهو جو هڪ ووٽ هوندو،عبدالصمد اچڪزئي ڪنهن يونيورسٽي مان تعليم حاصل نه ڪئي هئي،هن ديني عالمن جي سربراهي ۾ گهر ۾ سياسي تربيت حاصل ڪئي،هن پشتونن،بلوچن جي حالت خراب ڏٺي ۽ چيو ته ان بربادي جو سبب هندستان تي پرڏيهي حڪمراني آهي،هو سامراج دشمن ۽ جمهوري اڳواڻ هو،هن چيو ته اسان کي جمهوريت عزيز آهي،اسان جمهوريت،پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي تي ڪنهن سان به سوديبازي نه ڪنداسين،آئين بالادست نه ٿيو ته پاڪستان ٻڏي ويندو،جيڪڏهن ڪنهن کي پاڪستان عزيز آهي ته اليڪشن کان پهرين سمورا اسٽيڪ هولڊر جنهن ۾ جج،ميڊيا،عالم،سياستدان،ڪاروباري ٽن ڏينهن تائين گڏ ويهي هن ٻڏندڙ ملڪ کي بچائڻ لاءِ سوچين،هن چيو ته اسان کي ڪا به سيٽ نه گهرجي،اسان کي اها سيٽ کپي جيڪا عوام ڏئي،مان نوازشريف،بلاول،مولانا فضل الرحمان سميت سمورين سياسي پارٽين کي اپيل ڪريان ٿو ته هن ملڪ کي بچايو،ملڪ بچائڻ جو واحد علاج آئين جي حڪمراني آهي،اسان چريا ناهيون،اهو به نٿا چاهيون ته جنرلن کي ڦاهيون لڳن،پ پ،ن ليگ، جي يو آءِ کي اهو واعدو ڪرڻو پوندو ته جن ججن پهرين مارشل لا کان وٺي آخري مارشل لا خلاف مزاحمت ڪئي انهن کي اسيمبلين ۾ جمهوريت جو هيرو قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويندو،انهن جي ٻارن کي اهي سموريون مراعتون ڏنيون وڃن جيڪي انهن کان کسيون ويون آهن،جن ججن آمرن جو ساٿ ڏنو انهن کي برطرف ڪيو وڃي،انهن جون تصويرون هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ مان ٻاهر ڦٽيون ڪيون وڃن،هن چيو ته پاڪستان ۾ ڏکڻ آفريڪا طرز تي ٽرٿ ڪميشن جوڙي وڃي،ماضي کي وساري پاڪستان کي نئين سر جمهوري انداز ۾ هلايو وڃي،اسان کي ڪا خيرات نه کپي،اسان کي فوج ۾ پنهنجي آبادي جي بنياد تي حصو کپي،پاڪستان جي سمورن ادارن ۾ سنڌين،بلوچن،پشتونن کي نمائندگي ڏني وڃي ته جيئن فوج پاڪستان جي فوج بڻجي،هن چيو ته هن ملڪ ۾ پشتونن جي نالي سان ڪو صوبو ناهي،چترال کان وٺي بولان تائين پشتون وطن کپي،