ڪورنگي (هدايت الله لاکو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه انڊس يونيورسٽي اسپتال جو افتتاح ڪيو. هي اسپتال ايندڙ ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جو سڀ کان وڏو مفت علاج فراهم ڪندڙ اسپتال بڻجي ويندي جنهن ۾ مجموعي طور 1350 بسترا هوندا. افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري صحت ريحان اقبال بلوچ، انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي بورڊ چيئرمين عبدالڪريم پراچا، بورڊ ميمبر خالد خاناني ۽ سليم رزاق تباني، معزز عطيو ڏيندڙ ۽ ٻيون اهم شخصيتون شريڪ ٿيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انڊس يونيورسٽي اسپتال منصوبو پاڪستان جي صحت واري ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ انهن ماڻهن تائين معياري علاج جي سهولت پهچائڻ ڏانهن وڏو قدم آهي جيڪي علاج جا خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقابلو صحت جي ميدان ۾ ٻين صوبن سان نه دنيا سان آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي مفت، سستو ۽ معياري علاج مهيا ڪرڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي ۽ ان ڏس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ صوبو جو هڪ ڪامياب ترين ماڊل آهي،هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت شروعاتي طور انڊس اسپتال کي 30 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ڏني جيڪا وقت سان گڏ وڌندي هن سال 8 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي. ڪووڊ-19 دوران انڊس اسپتال انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. وڏي وزير چيو ته انڊس اسپتال ۾ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو مريض لانڍي ۽ ڪورنگي مان، 20 سيڪڙو ڪراچي جي ٻين علائقن مان جڏهن ته لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو مريض ڪراچي کان ٻاهر جن ۾ بلوچستان ۽ پنجاب جا مريض به شامل آهن، اچن ٿا. هن چيو هي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيل ڪم ٻين صوبن کان گهڻو اڳتي آهي، ۽ اهو اسان شراڪتدارن جي سهڪار سان حاصل ڪيو آهي. وڏي وزير بدين ۾ صحت جون سهولتون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا منصوبا به اعلان ڪيا جن تحت پوري ضلعي کي هڪ مرڪزي اسپتال سان ڳنڍيو ويندو ۽ تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتالن کي انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ جي سهڪار سان بهتر بڻايو ويندو. هن چيو اسان ايندڙ سال جي پهرين هفتي کان هن ڪم جي شروعات ڪنداسين. انڊس اسپتال جي صدر ڊاڪٽر عبدالباري خان هن منصوبي کي پاڪستان جي صحت نظام لاءِ هڪ انقلابي اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ سنڌ حڪومت جي لڳاتار سهڪار کي ساراهيندي چيو ته تڪميل کان پوءِ انڊس يونيورسٽي اسپتال ملڪ ۾ عالمي معيار ۽ هر ڪنهن لاءِ قابلِ رسائي علاج جو نئون معيار قائم ڪندي. انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي سي اي او پروفيسر سيد ظفر زيدي چيو ته انڊس يونيورسٽي اسپتال همدردي، وقار ۽ مريض مرڪز نگهداشت واري ويزن جو ارتقا آهي.