ڪنڌڪوٽ: پيءُ پٽ جي قتل ۾ اڳڀرائي، عورت ۽ نوجوان جي گرفتاري ظاهر

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ملڪيت جي معاملي تان قتل ٿيل پي پٽ جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار، ھڪ عورت ۽ ھڪ نوجوان جي گرفتاري پوليس ظاھر ڪري ڇڏي ھڏا سنڌو درياهه ۾ اڇلائڻ جي سي سي ٽي فوٽيج منظر عام تي اچي ويا، ڪنڌڪوٽ ملڪيت جي معاملي تان قتل ٿيل عارف ولد محمد غلام محمد گولو ۽ سندس پٽ عاشر ولد عارف گولو جي قتل ۾ ملوث ھڪ عورت سميت ٽن ڄڻن جي پوليس گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي انھي حوالي سان ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ محمد مراد گھانگھرو جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته 19 ڊسمبر تي اي سيڪشن ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائي وئي ھئي ته عارف گولو ۽ سندس پٽ عاشر گولو پُراسرار نموني گم ٿيا آهن جنهن جي ڪار ڊگري ڪاليج واري علائقي ۾ لاوارث حالت ۾ ملي ھئي اھڙي واقعي تي ايس ايس پي محمد مراد گھانگھرو پُراسرار طور گم ٿيل ٻنھي ڄڻن جي واقعي جو نوٽيس وٺندي انچارج مددگار ڪنڌڪوٽ خليل لغاري کي معاملي جي حل لاءِ ٽاسڪ ڏنو خليل لغاري جديد ٽينڪالاجي ۽ پيشوارانا مھارت ذريعي پُراسرار طور گم ٿيل پيءُ پٽ جي ڳولا جاچ شروع ڪري ڇڏي جاچ دوران مک جوابدار ذيشان ولد غلام محمد گولو کي حراست ۾ ورتو جنهن اعتراف ڪري ٻڌايو ته ويڳي ڀاءُ عارف گولو کي پنهنجي گھر گھرايو گھر گھرائي نشو ڏنو بعد ۾ ھٿوڙا ھڻي قتل ڪرڻ بعد لاشن کي باهه ڏئي ساڙي ھڏا درياءِ سنڌ ۾ اڇلائي ڇڏيا واقعو خانداني ملڪيتي تنازعو سبب پيش آيو مک جوابدار ذيشان گولو سندس ساٿين جي سڃاڻپ جنھن ۾ سندس مک جوابدار جو ڀائيٽيو سمير ولد سرفراز عرف دانش عباسي، ھڪ عورت شانيلا عرف بيلا زال سرفراز عرف دانش جن جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، سنڌو درياهه گڊو بئراج ۾ قتل ڪرڻ بعد لاشن کي ساڙي ساڙيل ٻنھي پيءُ پٽ جا ھڏا اڇي رنگ جي ڪار مان لھي ڪري مک جوابدار جا اڇلائڻ جا سي سي ٽي فوٽيج منظر عام تي اچي ويا جنھن ۾ ڪار اڳيان لھي ڪري ھڏا اڇلائيندي نظر اچي رھيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.