صوبا سياسي نه حقن جي بنياد تي ٺاهيو\گورنر ڪي پي

پشاورو(م ڊ) گورنر خيبر پختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبا سياسي بنيادن تي نه پر حقن جي بنياد تي ٺاهيا وڃن.هڪ بيان ۾ هن  چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي.هن چيو ته وزيراعظم بار بار نيشنل ڊائلاگ جو چيو آهي، پر جڏهن اسان ڳالهين جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ٻئي پاسي  انتشار جي ڳالهه ٿيندي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي ڳالهين کي بليڪ ميلنگ جي طور تي نه وٺڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ هميشه ٻاهرين ماڻهن کي ڳالهين لاءِ آندو آهي، سندن پنهنجا ماڻهو نه هوندا آهن.فيصل ڪريم ڪنڊي اهو پڻ چيو ته علامه ناصر عباس ۽ محمود اچڪزئي سان گڏ پي ٽي آءِ وارا ماضي ۾ ڇا ڪندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.