هڪ هزار 18 ارب رپين جا منصوبا منظور ڪيا آهن آھن\شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت جي ترقياتي اسٽريٽجي 2025-26 تحت مجموعي طور تي 1018 ارب رپين جا منصوبا منظور ڪيا ويا آھن، شديد موسمي حالتن خلاف مضبوط بنيادي ڍانچي جي تعمير، ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، تعليم، صحت، بھتر رابطا ڪاري ۽ غربت ۾ گھٽتائي اسان جي اوليتن ۾ شامل آھي. ھڪ بيان ۾ هن چيو تھ ٻوڏ متاثر  1600 ثانوي اسڪولن جي نئين سر تعمير جي لاءِ 340 ارب رُپيا مختص ڪيا ويا آھن، 9 نوان ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪيا ويندا ۽ سکر ۾ عورتن جي يونيورسٽي جو منصوبو تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، سنڌ پيپلز ھائوسنگ اسيڪم (ايس پي ايڇ ايف) مختلف شھرن ۾ جاري آھي، ھن وقت تائين ٻھ ملين گھرن جي تصديق مڪمل ٿي چُڪي آھي، لڳ ڀڳ 14 لک ماڻھن کي ادائيگيون ڪيون ويون آھن، 10 لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ 3 لک عورتن کي زمين جا مالڪاڻا حق ڏنا ويا  آھن، هن جو چوڻ ھو تھ توانائي جي شعبي ۾ سنڌ سولر انرجي منصوبي جي لاءِ 69 ڏھائي 97 ارب رُپيا مختص آھن، گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پُل ۽ ڌاٻيجي انڊسٽريل زون صنعتي ترقي ۽ شھري فلاح ۽ بھبوب ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.