سنڌ ۾ قومي شاهراهه تي ڪيترا ٽول پلازا آهن،روزاني آمدني ڪيتري آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر (رپورٽ :شفيع محمد ابڙو)سکر،حيدرآباد موٽروي جي تعمير ۾ دير، نيشنل هاءِ وي جي خراب حالت، مهراڻ هاءِ وي تي هيوي ٽريفڪ ۽ سٽي بائي پاس تي سروس روڊ جي تعمير بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل مختلف درخواستن تي گڏيل ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب علي هُڪڙو تي مشتمل ٻه رڪني آئيني بينچ درخواستن جي گڏيل ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران وفاقي سيڪريٽري مواصلات جي غير موجودگي تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ٻڌايو ويو ته سيڪريٽري مواصلات مستونگ ويل هو، جنهن سان رابطو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت رمارڪس ڏنا ته جنهن آفيسر کي طلب ڪيو ويو آهي، ان کي پاڻ پيش ٿيڻ گهرجي، جوائنٽ سيڪريٽري کي طلب نه ڪيو ويو هو۔ جسٽس ذوالفقار علي سانگي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ نيشنل هاءِ وي تي موجود ٽول پلازن بابت مڪمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي، اين ايڇ اي اختيارين طرفان جامع رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ  جو اظهار ڪيو، عدالت چيو ته رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو وڃي ته ڪيترا ٽول پلازا آهن ۽ روزاني آمدني ڪيتري آهي، جيڪا رپورٽ پيش نه ڪئي وئي، اين ايڇ اي ميمبر سنڌ ٻڌايو ته سکر، حيدرآباد موٽروي لاءِ زمين جي خريداري واسطي سنڌ حڪومت کان بطور قرض رقم ورتي وئي هئي، جيڪا واپس ادا ڪئي ويندي۔ ٻڌڻي دوران اهو به انڪشاف ٿيو ته اين ايڇ اي طرفان نوشهرو فيروز ۽ مٽياري لاءِ ڏنل رقم ۾ خردبرد ٿي هئي، اين ايڇ اي جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته زمين جي خريداري ۾ دير سبب موٽروي جي تعمير جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو۔ جسٽس ذوالفقار علي سانگي چيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪيو پيو وڃي۔ اين ايڇ اي وڪيل مهرباني جي درخواست ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين مڪمل عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائي ويندي۔ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪمن جي روشني ۾ مهراڻ هاءِ وي تي هيوي ٽريفڪ بند ڪئي وئي آهي، پر عدالت چيو ته اڃا تائين شڪايتون ملي رهيون آهن، تنهنڪري ايندڙ ٻڌڻي تائين پوليس مڪمل طور تي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائي، عدالت گڏيل درخواستن تي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.