شان مسعود هڪ ئي ڌڪ سان وريندر سهواگ ۽ ٽريوس هيڊ جو رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود هڪ ئي ڌڪ سان وريندر سهواگ ۽ ٽريوس هيڊ کان اڳتي نڪري ويو.
قومي ٽيم جو ڪپتان شان مسعود اڄڪلهه پرزيدنٽ ڪپ ۾ سوئي ناردرن گئس جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.
ٽورنامينٽ ۾ ساحر ايسوسيئيٽس خلاف 105 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جيڪا لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ سندس 17هين سينچري آهي.
ان سينچريءَ سان گڏ شان مسعود اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ ۽ موجودا آسٽريلوي بيٽر ٽريوس هيڊ کي پوئتي ڇڏي ڏنو، آهي، ٻنهي جون لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ 16-16 سينچريون آهن.
واضح رهي ته اڳوڻو ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم 31 سينچرين سان سڀ کان وڌيڪ لسٽ اي سينچريون اسڪور ڪندڙ پاڪستاني بيٽر آهي.
اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر خرم منظور 27 لسٽ اي سينچري سان ٻي پوزيشن تي آهي، جڏهن ته ليجنڊري سعيد انور 26 سينچرين سان هن فهرست ۾ ٽئين نمبر تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.