ماسڪو ۾ ڪار بم ڌماڪو، روسي فوج جو جنرل مارجي ويو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ۾ هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ فوج جو جنرل مارجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب هلندڙ سال دوران روسي فوج جو اهو ٽيون سينيئر عهديدار آهي، جنهن کي قتل ڪيو ويو آهي.
ڏوهن جي جاچ ڪندڙ اعليٰ ترين روسي ايجنسي جي ترجمان سويتلانا پيٽرينڪو موجب هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف جي آپريشنل ٽريننگ ڊائريڪٽوريٽ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فانيل سروروف جي قتل جي هر رُخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ان جي جاچ به ڪئي پئي وڃي ته ڇا ان جي منصوبابندي يوڪرين جي انٽيليجنس سروسز طرفان ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.