نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي يوٽيوبر ڌُرو راٺي چيو آهي ته مون کي ٽرول ڪرڻ لاءِ ٽيڪس ڀرڻو پوندو ۽ منهنجي چينل جي سبسڪرائبرز کي وڌائڻو پوندو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پروپيگينڊا فلم ”ڌُرنڌَر“ جي حوالي سان انڌا پيروڪار چريا ٿي ويا آهن.
ڌُرو راٺي موجب، ”ڌُرنڌَر“ کي وائکو ڪرڻ کان پوءِ سڀ ماڻهو منهنجي پويان پئجي ويا آهن ۽ اجتماعي طور مون بابت منفي تبصرا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ماڻهن کي منهنجون وڊيوز ڊس لائيڪ ڪرڻ جون هدايتون به ملي رهيون آهن.
يوٽيوبر چيو ته ٽرولز جي آءِ ٽي سيل جي وڏي انگ ۾ چينل تي آمد باوجود سندس وڊيو تي لائيڪس ڊس لائيڪس کان وڌيڪ آهن، نو سيڪڙو لائيڪس ۽ ڏهه سيڪڙو ڊس لائيڪس آهن.
هن پنهنجي يوٽيوب اسٽوڊيو تي لائيڪ ۽ ڊس لائيڪس ڪندڙن جي ڊيٽا به ڏيکاري ۽ ٻڌايو ويو ته سندس وڊيوز تي پنج لک کان وڌيڪ لائيڪس مليا آهن جڏهن ته پنجاهه هزار ڊس لائيڪس آيا.
يوٽيوبر وڌيڪ چيو ته فلم ڀلي ڪيتري به هٽ ٿِي وڃي، پر ان سان ماڻهن کي حقيقت جو پتو پئجي ويو آهي ۽ فلم جي هدايتڪار اديتيا ڌر کي به ماڻهو سڃاڻي چڪا آهن ته هو ڪيئن ڪم ڪري ٿو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڌرو راٺي ڌرنڌر فلم کي پروپيگينڊا قرار ڏيندي چيو هو ته هدايتڪار اديتيا ڌر ڀارتيه جنتا پارٽي ( بي جي پي) خوشامد ۾ سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون آهن.
هن بالي ووڊ اداڪارن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته هي اداڪار نفرت جوڳي پروپيگينڊا فلمن ۾ خوشي خوشي ڪم ڪندي نظر اچن ٿا.
يوٽيوبر چيو ته فلم ۾ هڪ ڊائيلاگ آهي ته ” سڀ ڀارتين سان سڀ کان وڏا دشمن ڀارتي ئي آهي، اِهو مڪالمو ڀارتي سياستدان اڪثر پنهنجي مخالفن بابت چوندا آهن، خاص طور تي ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن بابت اهڙا جملا چيا ويندا آهن.“
”ڌُرنڌَر جو سچ وائکو ڪرڻ تي انڌا پيروڪار چريا ٿي ويا آهن“، ڌُرو راٺي مودي سرڪار جا بکيا اُڊيڙي ڇڏيا
Prev Post
You might also like