سياري ۾ صبح جو هنڌ مان اُٿڻ تي دل ڇو ناهي چوندي؟ طبي ماهرن سبب ٻڌائي ڇڏيو

سياري جي مند ۾ اڪثر ماڻهن لاءِ صبح جو اٿڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، جڏهن ته سڄو ڏينهن عجيب سستي ۽ ننڊ جو احساس طاري رهندو آهي.
حقيقت ۾ سال جي ٻين مندن ۾ اهو احساس تمام گهٽ هوندو آهي ته ننڊ پوري نه ٿي سگهندي.
جيڪڏهن توهان کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته توهان اڪيلا ناهيو پر ڪروڙين ماڻهن سان اهو تجربو ٿيندو آهي.
طبي ماهرن موجب اڪثر ماڻهو سياري جي مند ۾ وڌيڪ وقت سمهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.
فيبروري 2023 ۾ جرمني جي سينٽ هيڊوگ هاسپيٽل جي هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو هو ته انسانن کي سياري ۾ معمول کان وڌيڪ ننڊ جي ضرورت هوندي آهي.
تحقيق موجب سياري ۾ ماڻهن جي ننڊ ٻين مندن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهري هوندي آهي.
تحقيق دوران معلوم ٿيو ته گرمين جي ڀيٽ ۾ سياري ۾ ماڻهن جي ننڊ جو سراسري دورانيو هڪ ڪلاڪ وڌيڪ هوندو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو مصروفيتن سبب وڌيڪ دير تائين سمهڻ کان محروم رهندا آهن، جنهن سبب سستي يا ننڊ جو احساس ٿيندو آهي.
محققن ٻڌايو ته نتيجن سان پهريون ڀيرو ثابت ٿيو ته موسم جي لحاظ سان ننڊ جي عادتن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، مطلب سياري ۾ تڪڙي سمهڻ گهرجي.
هنن چيو ته توڙي جو مصروفيتن سبب ماڻهن جو ننڊ جو دورانيو هر مند ۾ تقريبن هڪ جهڙو هوندو آهي پر انساني ذهن سياري ۾ قدرتي طور سست ٿي ويندو آهي، ڇو ته ان کي وڌيڪ ننڊ جي ضرورت هوندي آهي.
اسان جي جسماني گهڙي به سج جي روشني کي نظر ۾ رکندي سمهڻ ۽ جاڳڻ جو وقت مقرر ڪندي آهي، ڇو ته سياري ۾ سج جلدي لهي ويندو آهي ۽ دير سان اڀرندو آهي ته اسان جو جسم وڌيڪ ننڊ جي ڪوشش ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.