اپوزيشن حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار،صوبائي سرحدن ۾ تبديلي قبول ناهي\قومي ڪانفرنس

اسلام آباد(بيورو)اپوزيشن اتحاد جي قومي مشاورتي ڪانفرنس نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جو مطالبو ڪري ڇڏيوآهي۔ اسلام آباد ۾ ٻه ڏينهن جاري رهندڙ قومي ڪانفرنس جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي جاچ ڪرائي وڃي۔جمهوريت جي عمارت شفاف چونڊن تي بيٺل هوندي آهي، ان ڪري اسين نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جو مطالبو ڪريون ٿا۔اعلاميي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته نيون، صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو وڃي ٿو،پڌرنامي موجب عدليه جي ستون کي جنهن بي دردي سان ڊاهيو ويو آهي، ۽ ان جي جاءِ تي جيڪو عجيب ۽ غير فطري نظام آندو ويو آهي، ان ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي۔ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن ذريعي ججن جي ٽرانسفر جي تلوار لٽڪائي عدليه جي آزادي مڪمل طور تي کسي وئي آهي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان، جسٽس جهانگيري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي هن خلاف  قدمن جي مذمت ڪندي، 1973ع جي اصل، متفقه آئين مطابق عدليه جي مڪمل بحالي جو مطالبو ڪري ٿي۔. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي ڏنل سزائن، سندس ڪيسن، ۽ عمران خان جي ڀينرن سان ٿيل ناروا سلوڪ جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي۔تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سڀني ڪوڙن ۽ من گهڙت ڪيسن، ۽ سڀني سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري ٿي، جن ۾ باني تحريڪ انصاف عمران خان، بشريٰ بي بي، شاهه محمود قريشي، اعجاز چوڌري، ياسمين راشد، سرفراز چيما، ميا محمود الرشيد، صاحبزاده حامد رضا، علي وزير، حاجي عبدالصمد خان ۽ ولي محمد شامل آهن۔انساني حقن جي احترام تي زور ڏيندي، عمران خان سان ملاقاتن تي لڳايل پابنديون فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو۔ان سان گڏ قومي ڪانفرنس جي جي ڊي اي جي مرتضيٰ جتوئي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي زين شاهه تي قائم ڪوڙن ڪيسن ۽ شهرن ۾ سياسي احتجاجن دوران پوليس جي تشدد جي به سخت مذمت ڪئي وئي، پيڪا قانون کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو۔صحافي مطيع الله جان خلاف ڪوڙي منشيات ڪيس جي ۽انساني حقن جي ڪارڪن ايمان مزاري ۽ علي حيدر ايڊووڪيٽ خلاف ڪيسن جي به مذمت ڪئي وئي غزه امن فورس ۾ پاڪستاني فوج جي شموليت بابت سامهون ايندڙ بيانن ۽ شاهديُن مان معاملي جي غير شفافيت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي،پڌرنامي ۾ چيو ويو تهمعاشي استحڪام، سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي۔ ورلڊ بئنڪ موجب پاڪستان ۾ 44 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، جڏهن⁠ته  آءِ ايم ايف جي رپورٽ 5300 ارب رپين جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪري ٿي۔ حڪومت بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي۔زراعت، ڪاروباري طبقي، پگهاردار ۽ عام ماڻهن تي لڳايل ظالماڻا ٽيڪس فوري طور ختم ڪيا وڃن۔جبري گمشدگين ۽ سياسي ڪارڪنن کي آزادڪيو وڃي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ امن و امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي، سيڪيورٽي ادارن جي جبر ۽ گمشدگين جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي۔ ماهرنگ بلوچ سميت بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سڀني قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو،پڌرنامي ۾ چيو ويو ته 18هين ترميم تحت معدنيات صوبن جي ملڪيت آهن۔ صوبن جي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ بين الاقوامي کان کني جا معاهدا ڪرڻ، 18هين ترميم ۽ آئين جي روح جي خلاف آهي۔ صوبائي سرحدن سان ڇيڙڇاڙ ناقابلِ قبول آهي۔ملڪ ۾ جاري بحران جي پسمنظر ۾ قومي مشاورتي ڪانفرنس ان ڳالهه تي متفق آهي ته جمهوريت ۾ ڳالهه ٻولهه جا دروازا ڪڏهن بند ناهن ٿيڻ گهرجن۔ آئين جي اصل صورت ۾ مڪمل بحالي لاءِ اپوزيشن جماعتون تيار آهن، ۽ ان مقصد لاءِ پنهنجو لائحه عمل جلد اعلان ڪيو ويندو۔جڏهن ته 8 فيبروري (آئين ۽ قانون جي ٻئين ورسي) تي ملڪ ۾ پرامن احتجاج، شٽر ڊائون هڙتال ۽ عالمي سطح تي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو،تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جلد سنڌ ۽ پنجاب جا دورا ڪندي، صوبائي هيڊڪوارٽرز ۾ قومي مشاورتي ڪانفرنسون ڪندي، بار ڪائونسل، سول سوسائٽي ۽ عوام سان رابطا وڌائيندي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.