امير کي نماز پڙهندي ڏسي لڳو ته هن سان زندگي گذاري سگهجي ٿي: ماورا حسين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماورا حسين اعتراف ڪيو آهي ته پهريون ڀيرو کيس امير گيلاني سان محبت ٿي هئي.
ويجهڙ ۾ تازو هڪ انٽرويو دوران ماورا حسين چيو ته پهرين مون امير گيلاني جي معصوميت ۽ خوبصورتي محسوس ڪئي، پوءِ جڏهن مون سندس شخصيت کي ويجهو کان ڄاتو ته پتو پيو ته هو نرم مزاج، مهذب ۽ هر معاملي ۾ ساٿ ڏيڻ وارو آهي.
اداڪارا موجب، اهي خوبيون منهنجي دل ۾ گھر ڪري ويون ۽ مون دعا ڪئي ته امير ئي منهنجو جيون ساٿي هجي.
هن چيو ته جيتوڻيڪ امير گيلاني به مون کي پسند ڪندو هو، پر ڪڏهن به اسان مان ڪنهن به پنهنجي جذبن جو سڌي ريت اظهار نه ڪيو، هن محبت جي ڪهاڻي ۾ اهم ڪردار امير گيلاني جي ماءُ جو رهيو، جنهن ٻنهي خاندانن کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڪئي.
ماورا حسين انڪشاف ڪيو ته جيڪا پهرين مُنڊي مون پاتي، اُها منهنجي سس پاڻ منهنجي آڱر ۾ پارائي هئي.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن امير گيلاني نه هجي ها ته مان ڪنهن ٻئي سان شادي جو سوچيان به نه ها.
هن چيو ته ”ثبات“ جي سيٽ تي امير کي نماز پڙهندي ڏسي مون کي پڪ ٿي وئي ته هي ئي اُهو شخص آهي جنهن سان مان زندگي گذاري سگهان ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.