ملڪ ۾ سون سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ نوَ سئو رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيويلرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ سون جي في تولو900 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 454862 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 772 رپيا لاٿ بعد 389970 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 9 ڊالر گهٽتائي بعد 4325 ڊالرز آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن سون جو تولو 2200 رپيا مهانگو ٿيو هو، جنهن کانپوءِ في تولو سون 455762 رپين جو ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.