خواٽس ايپ واهپيدارن لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو انسٽاگرام واري انداز تي ٻڌل آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، هي فيچر واهپيدارن کي پنهنجا اسٽيٽس ڊرافٽ طور محفوظ ڪرڻ ۽ پوءِ مڪمل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو.
اِهو فيچر في الحال صرف واٽس ايپ بيٽا ورزن ۾ محدود واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.
ان کان اڳ واٽس ايپ چيٽس لاءِ ڊرافٽ سيونگ ٽول متعارف ڪرايو هو، جنهن جي مدد سان واهپيدارن ان چيٽ جي نشاندهي ڪري سگهن ٿا جنهن ۾ ڪو پيغام لکيو ويو پر موڪليو نه ويو، هاڻي نئون ڊرافٽ فيچر اهو عمل اسٽيٽس لاءِ آسان بڻائيندو.
رپورٽ موجب، نئون آپشن اسٽيٽس ايڊيٽر ۾ نظر ايندو جتي صارف پنهنجي اڻپوري اسٽيٽس کي محفوظ ڪري سگهن ٿا، ڀلي اهو ٽيڪسٽ، اسٽيڪر، يا فوٽو اسٽيٽس جي صورت ۾ هجي.
انسٽاگرام جيان، واٽس ايپ ايڊيٽر ونڊو ۾ به ڊرافٽ سيڪشن ڏنو ويندو، ۽ هڪ نئون” سيو“ بٽڻ پڻ شامل ڪيو ويندو، جنهن تي ڪلڪ ڪري واهپيدار پنهنجا اسٽيٽس ڊرافٽ طور محفوظ ڪري سگهن ٿا.
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته اِهو فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ موجود آهي، تنهنڪري اڃان اهو واضح ناهي ته اهو ڪڏهن سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
You might also like