عليم خان ۽ پلوشا خان وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ سينيٽر پلوشا خان جي وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي.
پلوشا خان وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته ”تون آهين ڪير ٿيندو آهين اهڙي قسم جي ڳالهه ڪرڻ وارو؟“
جنهن تي عبدالعليم خان جواب ڏيندي چيو ته ”توهان عزت ڪندئو ته اسان به توهان جي عزت ڪنداسين، توهان ذات تي آڱريون کڻو ٿا.“
ان عبدالعليم خان پلوشا خان کي ”شٽ اپ“ چيو جنهن تي پلوشا خان جواب ڏنو ته چيو ته ”يو شٽ اپ“.
وفاقي وزير چيو ته ” زماني جي بي ايمان هتي گڏ ٿيا آهن.“
پلوشا خان ڪميٽي چيئرمين کي چيو ته جيڪا بدتميزي وزير ڪئي آهي، ان تي رولنگ ڏني وڃي ۽ سوال ڪيو ته ڇا نجي هائوسنگ سوسائٽي جو نالو وٺڻ ڏوهه آهي.
ميمبرن جي پاڻ ۾ جهيڙي کانپوءِ ڪميٽي چيئرمين مداخلت ڪئي ۽ وفاقي وزير پنهنجي چوڻ تي معافي ورتي.
ان دوران سينيٽر پرويز رشيد پلوشا خان ۽ عبدالعليم خان کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر سندس ڪوششون ناڪام رهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.