اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق جهانگيري کي تڪراري ڊگري ڪيس ۾ جج جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. تڪراري ڊگري ڪيس جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊگري بابت اوريجنل رڪارڊ پيش ڪيو، جڏهن ته جسٽس طارق جهانگيري عدالت آڏو پيش نه ٿيو. جسٽس طارق جهانگيري جي وڪيل بئريسٽر صلاح الدين چيو ته عدالت وٽ جسٽس طارق جهانگيري جون ٽي درخواستون موجود آهن، پهرين انهن کي ٻڌو وڃي. ميان دائود ايڊووڪيٽ چيو ته هو به قسم کڻي چئي ٿو ته جسٽس طارق جهانگيري جا انرولمينٽ فارم به بوگس هئا، جيڪڏهن هو سچو آهي ته ايل ايل بي پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جون مارڪس شيٽس پيش ڪري. واضح رهي ته جسٽس طارق جهانگيري مبينا جعلي ڊگري بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم نامو وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي. جسٽس طارق جهانگيري طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 9 ڊسمبر واري ٻه رڪني بئنچ خلاف آئيني عدالت ۾ اپيل داخل ڪئي هئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي.جسٽس طارق جهانگيري درخواست ۾ استدعا ڪئي هئي ته سندس خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل رِٽ کي خارج ڪئي وڃي. ٻئي پاسي تڪراي ڊگري ڪيس ۾ جسٽس طارق جهانگيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي درخواستون داخل ڪري ڇڏيون آهن. فيصلو اچڻ کان اڳ ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار عدالت ۾ جسٽس جهانگيري جي قانوني ڊگري سان لاڳاپيل رڪارڊ جمع ڪرائي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته ڪي يو سنڊيڪيٽ ان ڊگري کي غير شفاف ذريعن کان حاصل ڪرڻ تي رد ڪري ڇڏيو هو. رجسٽرار مطابق جسٽس جهانگيري 1988 ۾ امتحان هال ۾ نقل ڪندي ۽ بدانتظامي پيدا ڪندي ڏٺو ويو، جنهن کان پوءِ کيس 1992 تائين امتحان ڏيڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو پر تنهن هوندي ان فيصلي تي عمل ڪرڻ جي بجاءِ، جسٽس جهانگيري 1989 ۾ نالو تبديل ڪري امتحان ڏنو. هن مارڪ شيٽس ۽ نتيجن سان لاڳاپيل لاگ پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ته جيئن ڪي يو سنڊيڪيٽ جي فيصلي کي درست ثابت ڪري سگھي.