پوني (ويب ڊيسڪ)سيد مشتاق علي ٽرافي جي فائنل ۾ جهارکنڊ هرياڻا کي 69 رنسن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
پوني جي مهاراشٽر ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ۾ هرياڻا جي ڪپتان انڪيت ڪمار ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
جهارکنڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 262 رنسون ٺاهيون. ڪپتان ايشان ڪشن شاندار 101 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 10 ڇڪا ۽ 6 چوڪا شامل هئا.
ان کانسواءِ ڪوشگرا 81 ۽ انڪول راءِ 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، هرياڻا طرفان انڪول ڪمبوج، سميت ڪمار ۽ سمانت جکر هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
جهار کنڊ 263 رنسن جي هدف جي جواب ۾ هرياڻا جي ٽيم 19هين اوور ۾ 193 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، يَشويندر دلال 53، نشانت سندھو 31 ۽ سمانت جکر 38 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.
جهارکنڊ جي بال ڪرشنا ۽ سشانت مشرا ٽي، ٽي وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته وڪاش سنگهه ۽ انڪول راءِ ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاندار ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ايشان ڪشن کي فائنل جڏهن ته انڪول راءِ کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
You might also like