مس فن لينڊ کي ڀوڳ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، تاج کان محروم

سوشل ميڊيا تي هڪ غير محتاط پوسٽ فن لينڊ جي سونهن راڻي کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي ۽ کانئس مس فن لينڊ جو تاج واپس ورتو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائلينڊ ۾ گذريل مهيني مس يونيورس جو مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ 22 ورهين جي سارا ضافس فن لينڊ جي نمائندگي ڪئي هئي.
سارا ضافس تازو سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي، جيڪا ان لاءِ ڏکيائين جو سبب بڻجي وئي.
تصوير ۾ سارا کي پنهنجون اکيون آڱرين جي مدد سان ڇڪيندي ڏٺو ويو ۽ هن ڪيپشن لکيو ته ”هن چيني سان کاڌو کائي رهي آهيان“.
سارا جي ان پوسٽ کي نسل پرستاڻو سمجهيو ويو ۽ جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ چين ۾ ان تي سخت ردعمل سامهون آيو.
توڙي جو سارا پنهنجي ان عمل تي معذرت به ڪئي پر ان کي ناڪافي قرار ڏيندي کانئس مس فن لينڊ جو تاج واپس ورتو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.