نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اسلام خاطر شوبز ڇڏيندڙ ثنا خان مسلمان عورت جو نقاب لاهڻ تي بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي وڊيو پيغام جاري ڪندي ثنا خان چيو ته عورتن جي حقن جي تنظيمن کي ڏسي شرم ٿو اچي، جيڪي ان واقعي خلاف نه ٿيون ڳالهائين، مون کي وڊيو ڏسي ايڏي ڪاوڙ اچي رهي آهي جو دل ٿي چئي ته وڏي وزير کي ٻه چماٽون وهائي ڪڍان.
هن چيو ته ڇا ان جي گهر ۾ ماءُ ڀيڻ ناهي؟ شيم ليس، بهار جي وڏي وزير کي عوامي سطح تي معافي وٺڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اڄ اها عورت هئي، سڀاڻي ٻئي ڪنهن سان به ائين ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اڄ اسان آواز نه اٿاريو ته سڀاڻي اسان سان ائين ٿيندو.
ثنا خان چيو ته اسان جي معاشري ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا آهن، جڏهن نتيش ڪمار جهڙا ماڻهو اسٽيج تي اهڙيون حرڪتون ڪندا ته ٻين کي هٿي ملندي، احتجاج ڪيو ۽ وڏي وزير کان معافي جو مطالبو ڪيو، عزت ته عزت آهي، هر ڪنهن جي عزت برابر آهي.
دل ٿي چئي ته بهار جي وڏي وزير کي ٻه چماٽون وهائي ڪڍان: ثنا خان عورت جو نقاب لاهڻ تي ڪاوڙجي پئي
You might also like