پ پ آئيني ترميمن جي ڀرپور حمايت ڪئي پر سنڌ کي ڪڏهن ورهائڻ نه ڏيندي: ناصر شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني جو ڳٺ جوڙ هو، ان وقت وڏي انتقامي ڪارروائي ٿي ۽ عورتن کي جيلن ۾ وڌو ويو.
سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته ان وقت حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا گڏجي ناانصافيون ڪيون.
هن چيو ته آئيني ترميمن سان ملڪ وڌيڪ مضبوط ٿيندو، پ پ ترميمن جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته پ پ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي ورهائڻ نه ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.