ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جي سوين ملازمن پاران ڪيترن ئي مهينن کان پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي.
مزدور يونين اڳواڻن زوهيب فقير، محمد رجب، آصف خاصخيلي ۽ غلام شبير جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي پگهارن جي ادائيگي جي حق ۾ نعرا هنيا ويا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان کين پگهارون نه ملي رهيون آهن، جنهنڪري سندن گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ڊي جي ايس ڊي اي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هنن چيو ته ان کان اڳ هنن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو پڻ هنيو هو، جنهن بعد ڊي جي ايس ڊي اي علي گل سنجراڻي احتجاجي ڪيمپ تي پهچي سمورام مطالبا تسليم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، پر ڪافي وقت گذرڻ باوجود ملازم پنهنجي پگهارن کان محروم آهن.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جي ملازمن کي فوري طور سموريون پگهارون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
You might also like