اين ايف سي ۾ تبديلي جو فيصلو ٿي ويو، پ پ کي پرچائبو: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اين ايف سي فارمولا ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي سميت اتحادي پارٽيون گڏجي ويهنديون، ۽ وسيلن جي ورڇ جي معاملي جو جائزو ورتو ويندو. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن معاملي تي سڀني اتحادين کي قائل ڪيو ويندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ملڪ ۾ هٿياربند جدوجهد ڪرڻ تي قائم آهي، پي ٽي آءِ کي جمهوري طريقي سان اڳتي وڌڻ گهرجي، جنهن سان مسئلو حل به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته عمران خان ماضي ۾ هٿياربند جدوجهد مان گذريو آهي، هاڻي جيڪڏهن سندس پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ائين ڪيو ته ان سان قانون موجب ڊيل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.