برطرف پوليس اهلڪار بحال نه ٿيو، غربت سبب معصوم پٽ وڪرو ڪرڻ جا اطلاع

ڪراچي(ذوالفقار راڄپر ) سنڌ پوليس ۾ پنهنجي نوڪري جي بحالي لاءِ گذريل ٻن مهينن کان سپاهي امان الله بوزدار پاران پنهنجي اڌ رنگ جي مرض ۾ معذور ٿيل گهر واري صنم بوزدار، 12,13 سالن جي نينگر عشاء، ننڍڙي پٽ علي وارث، اسد الله ۽ پٽ آفتاب سميت بک بي روزگاري کان تنگ ٿي احتجاج ڪري ٿڪجي پنهنجي 10 سالن جي پٽ آفتاب کي ٻارڙن کي پنائيندڙ فقير مافيا جي هڪ ٽولي کي 4 لکن ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏھن ته عشاء سميت باقي ٽئي ٻار سنڌ حڪومت جي ٻارن جي تحفظ واري اداري جي ملير ۾ قائم پناهه گاهه ۾ ٽي ڏينهن گذارڻ بعد واپس ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پنهنجي پيءُ ماءُ جي احتجاجي ڪئمپ ۾ پهچي ويا آهن، جڏهن ته فقيرن کي ڏنل 10 سالن جو آفتاب اڃان تائين پيءُ ماءُ سان ملي نه سگهيو آهي. ذريعن موجب آفتاب کي سندس والد 4 لکن ۾ فقيرن کي وڪرو ڪيو آهي، جڏھن ته ٻار جي والد امان الله روزاني عوامي آواز کي ٻڌايو ته هن پنهنجو پٽ فقيرن کي نه پر پنهنجي مائٽن کي ڏنو آهي جتي هو ڦوڪڻا وڪڻي رهيو آهي ، جڏھن ته ڪجهه پڪن ذريعن موجب هن جو پٽ فقيرن وٽ آهي، جتي هن کي معذور ڪري نشي وڪڻڻ ۽ پنڻ جو عادي بڻايو ويندو، ٻي طرف عشاء جيڪا پنهنجي ڀائرن سميت ماءُ جي علاج ۽ ماني لاءِ گند ڪچرو ميڙي ان مان مليل سامان وڪرو ڪري والد کي پئسا ڏيندي هئي، تنھن ٻڌايو ته ملير ۾ ٻارڙن جي سرڪاري تحفظ واري جاءِ ۾ کين سهولتون گهٽ ۽ اڻ پوري ماني ڏني ويندي هئي، جنهن ڪري هو بکايل هوندي هئي ۽ کين ٿڌ ۾ فرش تي سمھاريو ويندو هو، ان ڪري هنن روئي پنهنجي والد کي واپس وٺي وڃڻ لاءِ فون ڪرايو ھو. ياد رهي ته امان الله بوزدار پاران گذريل ٻن مهينن کان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پنهنجي نوڪري جي بحالي لاءِ احتجاج ڪرڻ ۽ پنهنجي بيمار زال جي دوائن، حاجت جي مسئلن بعد پنهنجي پنجن سالن جي پٽ علي وارث کان وٺي 12,13 سالن جي نينگر تائين کين گند تان گند ڪچرو ميڙڻ تائين مجبور ڪيو آهي. ڦيٿن واري ڪرسي تي ويهندڙ ماءُ صنم بوزدار جيڪا شگر ۽ ٻين مرضن ۾ مبتلا آهي ۽ ٻارن لاءِ پريس ڪلب جي ڀر ۾ روڊ تي خيرات گهرندي هئي ، سا به ٻارن وڇوڙي سبب بيمار ٿي پئي هئي ۽ فٽ پاٿ تي سمهيل رهي ٿي، تنھن روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير ۽ سنڌ پوليس جي سربراهه غلام نبي ميمڻ جي دل ۾ منهنجي ننڍڙن ٻارن تي به رحم نه ٿو اچي ته ان جو حساب خدا کي ضرور ڏيندا پر افسوس ته پريس ڪلب ايندڙ ۽ اتان لنگهندڙ ويندڙ سوٽ بوٽ پهريل وڪيلن، وڏن سنڌي صاحبن، اجرڪن تي جهمريون هڻندڙن ۽ ڪارين مان لهندڙ مڊمن عورتن جي به اسان جي مٿان نظر نه ٿي پئي جو لڙي اسان ڏي اچن، منهنجي 5 سالن جي ٻار نوجوان نياڻي ۽ پٽن کي گرم ڪپڙا، کاڌو يا شيون ۽ مان کي دوائون وٺي ڏين، هوڏانهن امان الله بوزدار بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گهرو وزير، آئي جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته هن جي خاندان ۽ ننڍن ٻارڙن جي مستقبل ۽ تعليم لاءِ هن جي نوڪري بحال ڪري کيس ڦٽ پاٿ جي زندگيءَ کان نجات ڏياري وڃي ۽ ساڻس ملاقات ڪرڻ ۽ هن جو آواز ٻڌڻ جو کيس موقعو ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.