نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ ڪانگري اڳواڻ پرٿوي راج چوهاڻ اعتراف ڪيو آهي ته ڀارت آپريشن سندور جي پهرئين ڏينهن ئي جنگ هارائي ويو هو.
پرٿوي راج چوهاڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 7 مئي تي اڌ ڪلاڪ جي فضائي ويڙهه ۾ اسان جي جهازن کي ڪيرايو ويو ۽ اسان مڪمل طور تي اها جنگ هارائي وياسين.
هن چيو ته پهرئين ڏينهن جي ويڙهه کانپوءِ ڀارتي ايئر فورس جي جهازن کي گرائونڊ ڪيو ويو هو، ڇو ته ويڙهه جي صورت ۾ اهي پاڪستاني ايئر فورس طرفان ڪيرائڻ جو خدشو هو.
سندس چوڻ هو ته تازو اسان آپريشن سندور دوران ڏٺو ته فوج هڪ ڪلو ميٽر به چرپر نه ڪئي، جيڪو ڪجهه ٿيو اها رڳو فضائي ويڙهه ۽ ميزائل وار هئي، مستقبل ۾ به اهڙيون ئي جنگيون وڙهيون وينديون، اهڙي صورتحال ۾ ڇا واقعي اسان کي 12 لک فوجين جي فوج رکڻ جي ضرورت آهي يا انهن کان ڪو ٻيو ڪم ڪرائي سگهون ٿا؟
ڀارت آپريشن سندور جي پهرئين ڏينهن ئي جنگ هارائي ويو هو: ڪانگريس اڳواڻ مودي سرڪار کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو
You might also like