سڄي ملڪ ۾ ارڙي، روبيلا، نمونيا ۽ پوليو جهڙيون وچڙندڙ بيماريون اڃا تائين ٻارن کي متاثر ڪري رهيون آهن، خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي حفاظتي ٽيڪن جي شرح گهٽ آهي ۽ بيمارين جي پکڙجڻ جون رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن۔ پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ۽ معمول جي حفاظتي ٽيڪن جون مهمون بار بار اهو ثابت ڪري چڪيون آهن ته وقت سر ويڪسين نه رڳو ٻارن کي بيمارين کان محفوظ رکي ٿي، پر اجتماعي مدافعت کي مضبوط بڻائي خطرناڪ وائرسن جي پکڙجڻ کي به مؤثر نموني روڪي ٿي۔ رڳو پوليو ويڪسين جي بدولت دنيا ڀر ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ 99 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي، جڏهنته ٻارن کي لڳندڙ معمول جا حفاظتي ٽڪا هر سال لکين قيمتي زندگيون بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔
ان پسمنظر ۾ پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومتِ پاڪستان ۽ بين الاقوامي ساٿين جون ڊگهي مدي واريون ڪوششون جاري آهن۔ گذريل ٽي ڏهاڪن دوران ملڪ ڀر ۾ لکين ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا، قومي سطح تي ڪيترين ئي ڪامياب مهمن جو انعقاد ڪيو ويو، نگرانيءَ جو مضبوط نظام قائم ڪيو ويو، ۽ وبائي خطرن جي باوجود فرنٽ لائين ورڪرن انتهائي ڏکين حالتن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ گهر گهر وڃي پنهنجون ذميواريون نڀايون۔ انهن مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ پوليو ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، پر وائرس جي باقي رهيل گردش جي مڪمل خاتمي لاءِ وڌيڪ مضبوط قدمن جي ضرورت آهي۔
ويجهڙ ڏينهن ۾ ملڪ ۾ ارڙي، روبيلا ۽ پوليو کان بچاءَ جي قومي مهم منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ارڙي ۽ روبيلا خلاف ويڪسين فراهم ڪئي وئي، جڏهنته 1 ڪروڙ 85 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا۔ سڄي ملڪ ۾ سال 2025 جي آخري قومي پوليو مهم 15 کان 21 ڊسمبر تائين منعقد ڪئي ويندي، جنهن دوران 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا۔ هن مهم ۾ 4 لک کان وڌيڪ مرد ۽ عورت پوليو ورڪر پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا۔ ياد رهي ته اها مهم افغانستان سان هم آهنگ طريقي سان منعقد ڪئي پئي وڃي ته جيئن سرحدي علائقن ۾ وائرس جي منتقلي کي مؤثر نموني روڪي سگهجي۔ سال 2025 جي اها آخري قومي پوليو مهم ملڪ جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿي۔
سال 2025 دوران هينئر تائين ملڪ ڀر مان 30 پوليو ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن مان 18 خيبرپختونخوا، 9 سنڌ، جڏهنته هڪ هڪ ڪيس گلگت بلتستان ۽ پنجاب مان سامهون آيو آهي۔ اها صورتحال وائرس جي مسلسل گردش ڏانهن اشارو ڪري ٿي، جنهن جو خاتمو رڳو بار بار ويڪسين ڏيڻ سان ئي ممڪن آهي۔ پاڪستان جو پوليو نگرانيءَ جو نظام دنيا جي بهترين نظامن مان شمار ٿئي ٿو، جتي ماحولياتي نمونن ۽ ڪيس رپورٽنگ ذريعي وائرس جي پکڙجڻ تي لڳاتار نظر رکي وڃي ٿي۔ تازي انگن اکرن موجب ملڪ جا 82 ضلعا پوليو وائرس کان متاثر آهن، جيڪو گڏيل ۽ تيز تر ڪارروائيءَ جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو۔
پوليو جي خاتمي ۾ سماجي شراڪت اهم حيثيت رکي ٿي، جتي والدين جي ٻارن جي حفاظت جي خواهش ۽ ڪميونٽي اڳواڻن جي رهنمائي هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿي۔ مذهبي اڳواڻن ۽ معزز شخصيتن پاران صحيح ڄاڻ جي فراهمي ۽ شڪن شبهن جي خاتمي سان ويڪسين مهم جي ڪاميابيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ٿئي ٿو۔ صحت ماهرن جي تصديق موجب پوليو ويڪسين محفوظ ۽ مؤثر آهي، ۽ عالمي سطح تي ٻارن جي حفاظت لاءِ وڏي پيماني تي استعمال ٿي چڪي آهي۔پاڪستان جي ٻارن جو محفوظ مستقبل والدين جي ذميواري ۽ شعور سان ڳنڍيل آهي۔ والدين تي فرض آهي ته هر قومي پوليو مهم دوران پنهنجن ٻارن کي لازمي پوليو جا ڦڙا پيارين ته جيئن کين سڄي عمر جي معذوريءَ کان بچائي سگهجي۔ جڏهن پوليو ٽيمون گهر اچن ته ٻارن کي ڦڙا ضرور پياريا وڃن ۽ ڄمڻ کان 15 مهينن تائين حفاظتي ٽيڪن جو شيڊول مڪمل ڪيو وڃي۔ والدين ۽ ڪميونٽي اڳواڻن کان اميد ڪئي وڃي ٿي ته هو پنهنجي علائقي ۾ پوليو مهم جي ڀرپور حمايت ڪن ۽ ٻين کي ان جي اهميت کان آگاهه ڪن۔ اچو ته گڏجي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻايون ۽ هڪ صحتمند ۽ مضبوط نسل جي قيام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون۔