سڊني (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائڪل وان آسٽريليا جي شهر سڊني جي سمنڊ ڪناري پيش آيل فائرنگ جي واقعي دوران هڪ ريسٽورنٽ ۾ بند هئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
مائڪل وان فائرنگ وقت سمنڊ ڪناري ويجهو ريسٽورنٽ ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ موجود هو.
مائڪل وان جو چوڻ آهي ته ريسٽورنٽ ۾ بند ٿيڻ ڏاڍو ڀوائتو هو، پر اسان محفوظ گهر پهتاسين، ايمرجنسي فورسز ۽ هٿياربندن سان مقابلو ڪندڙ اهلڪارن جا ٿورائتا آهيون.
سندس چوڻ هو ته ريسٽورنٽ جو بائونسر هٿ ۾ بندوق کڻي موٽ آيو ۽ مون کي اندر وڃڻ لاءِ چيو، اسان حملي کان رڳو ڪجهه سو قدمن جي فاصلي تي هئاسين ۽ خطري جا سائرن وڄي رهيا هئا.
سندس چوڻ هو ته هو ڪُل ڇهه ڄڻا هئا، جنهن ۾ هو، سندس گهرواري، ڀيڻ، ٻه ڌيئرون ۽ سندن ساهيڙي، ان دوران مان پاڻ کي جيترو پرسڪون رکي سگهيس ايتري ڪوشش ڪئي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سڊني ڪي بونڊائي بيچ تي يهودين جي هڪ تقريب دوران فائرنگ ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا هئا، جڏهن ته 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ هٿياربند سميت 40 زخمي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.
You might also like