راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪيل آپريشن ۾ 7 خارجي ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪلاچي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 7 خارجي ماريا ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بهادر جوان نائيڪ ياسر خان شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود به برآمد ڪيو ويو، اهي ڪيترين ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا.
You might also like