سڊني واقعو:ڪرڪيٽ آسٽريليا سڀ قانون ٽوڙي ڇڏيا

سڊني (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي شهر سڊني جي سمنڊ ڪناري پيش آيل فائرنگ جي واقعي کانپوءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا سڀ قانون ٽوڙي ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، جڏهن سڊني ۾ فائرنگ وارو واقعو پيش آيو، تڏهن پرٿ ۾ بي بي ايل ۾ سڊني سڪسرز ۽ پرٿ اسڪارچر جي ميچ جاري هئي ۽ سڊني سڪسرز جا رانديگر وارم اپ ڪري رهيا هئا.
فائرنگ جي واقعي کانپوءِ بي بي ايل جي ٽيم سڊني سڪسرز جي رانديگرن کي فون ڏنا ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، رانديگرن گهر وارن ۽ ويجهن مٽن مائيٽن جي خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ فون استعمال ڪيا.
واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحت ميچ کان اڳ يا ميچ دوران فون جي استعمال تي بندش آهي، تنهنڪري عام طور تي رانديگرن ۽ اسٽاف کان ميچ کان اڳ فون ورتا ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.