ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافرن لاءِ ڪيترن ئي سالن کان بند پيسينجر پڪ اپ لين کولڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافرن لاءِ ڪيترن ئي سالن کان بند پيسينجر پڪ اپ لين کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ڊي جي پي اي اي جي هدايت تي ايئرپورٽ انتظاميا ڪيترن ئي سالن کان بند پيسينجر پڪ اپ لين تي لڳل بيريئر هٽائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ايئرپورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي جي خاقان مرتضيٰ پيسينجر پڪ اپ لين بند ڪرائي هئي، جنهن سبب مسافرن کي سخت تڪليف پيش ايندي هئي ۽ ايئرپورٽ تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي وينديون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.