نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو واقعو پيش آيو، جتي فوت ٿيل شخص چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي.
ڀارتي رياست تلنگانا جي ضلعي راجنا سرسيلا جي هڪ ڳوٺ ۾ غير معمولي واقعو سامهون آيو، جتي گرام پنچائت سرپنچ جي چونڊ ۾ اميدوار مرلي پنهنجي وفات کان پوءِ به سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا.
مرلي 5 ڊسمبر تي چونڊ لاءِ نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان ٿوري دير پوءِ اوچتو دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو هو، سندس لاڏاڻي باوجود ڳوٺ ۾ پولنگ مقرر ڪيل شيڊيول موجب جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اختيارين مرلي جي اوچتي لاڏاڻي کان اڳ ئي بيلٽ پيپر ڇپرائي ڇڏيا هئا، هڪ ڀيرو بيلٽ پيپر ڇپجي وڃڻ کان پوءِ انتظامي پابندين ۽ قانوني طريقيڪار سبب انهن ۾ تبديلي آسان ناهي هوندي.
ان ڪري مرلي جو نالو بيلٽ پيپر تي موجود رهيو، جنهن سبب ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ خراج عقيدت طور مرلي کي ووٽ ڏنا.
ڀارتي ميڊيا موجب مرلي 700 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا ۽ مخالف کي لڳ ڀڳ 378 ووٽن جي فرق سان شڪست ڏني.
ڇو ته ڪامياب قرار ڏنل اميدوار فوت ٿي چڪو آهي، تنهنڪري اختيارين حتمي نتيجي جي اعلان کي عارضي طور روڪي ڇڏيو آهي ۽ پنچائت چونڊ قانونن تحت قانوني پهلوئن جو جائزو ورتو پيو وڃي.
Next Post
You might also like