”فيض حميد سان گڏ ٻن حاضر سروس برگيڊيئرن کي به سزا“

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ميان جاويد لطيف دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه فيض حميد سان گڏ ٻه حاضر سروس برگيڊيئرن کي به سزا ڏني وئي آهي۔نجي نيوز چينل جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هو شروعات کان چوندو اچي رهيو آهي ته سهولتڪاري موجود آهي، هاڻي ٻيا ماڻهو به اهو چوڻ لڳا آهن، ۽ اڄ وزيرِ دفاع به چيو آهي ته ادارن جي اندر ڪجهه ماڻهو اهڙا موجود آهن جيڪي عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ چاهين ٿا۔پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته منهنجي ڄاڻ موجب فيض حميد سان گڏ ٻه حاضر سروس برگيڊيئرن کي به سزا ملي آهي، جاويد لطيف چيو ته نواز شريف ڪڏهن به پنهنجي دشمن يا انهن ماڻهن جو ذڪر نٿو ڪري، جن ذاتي طور تي هن تي وار ڪيا هجن، جڏهن اهي مصيبت ۾ هجن يا ڪٽهري ۾ بيٺل هجن۔ جڏهن نواز شريف پنجن ماڻهن جا نالا کنيا هئا، تڏهن اهي طاقت ۾ هئا، پر اسان جي ڪيترن ئي ماڻهن ته اسٽيج تان ٽپا ڏئي ڇڏيا، جنهن سبب اسان جا اتحادي به پريشان ٿي ويا هئا۔مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته فيض حميد، قمر جاويد باجوا کان وٺي ثاقب نثار ۽ بنديال تائين ڪيترن ماڻهن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون هيون، ۽ مسلم ليگ جا ڪيترائي ماڻهو به انهن سان ملندا رهيا هئا۔جاويد لطيف چيو ته اها به هڪ حقيقت آهي ته اهو نه چيو وڃي ته “اُن پاسي سان مليو ته غدار، ۽ هن پاسي سان مليو ته ٺيڪ آهي”۔ جيڪڏهن ڪنهن مان فائدو ٿيو ته اهو به قبول ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن نقصان ڪيو آهي ته پوءِ ان کي به پڪڙيو وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.