جنرل(ر)فيض حميد ڌمڪائي ڪاروباري ماڻهن کان اربين رپيا کسيا

اسلام آباد(حامد مير)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر)فيض حميد خلاف وڌيڪ نوان انڪشاف ٿيا آهن،هن رڳو ٽاپ سٽي جي مالڪ کي گرفتار ڪري ۽ مٿس تشدد ڪرائي پئسا نه اوڳاڙيا بلڪه ڪيترن ئي ڪاروباري ماڻهن کي ڌمڪائي اربين رپيا وصول ڪيا،انهن ۾ هڪ شخصيت ن ليگ جو سينيٽر آهي،فيض حميد هن خلاف به ڪوڙو ڪيس ٺاهي هن کان به پئسا ورتا پوءِ جڏهن ليگي سينيٽر جي پٽ جي شادي جو وقت آيو ته هن کي فيض حميد پيغام موڪليو ته ،جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته تنهنجو پٽ شادي واري ڏينهن گرفتار نه ٿئي، منهنجو ماتحت تو وٽ ايندو ان کي جيڪا رقم هو چئي اها ڏئي ڇڏجان،فيض حميد ان سياستدان جي پٽ کي پنهنجي شادي ۾ شرڪت جي اجازت ڏيڻ تي فيض حميد 13 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا،ليگي سينيٽر جو اهو پٽ اڄڪلهه ن ليگ جو ئي ايم اين اي آهي،انهن کي ته نيب وٽ وڃي جنرل فيض خلاف ڪيس هلائڻ گهرجي،جڏهن ته هڪ بزنيس مين ٻڌايو ته فيض حميد هن کان به زبردستي 5 ارب رپيا زبردستي کسيا،فيض حميد وٽ جڏهن 30 ارب رپيا گڏ ٿيا ته هن اها رقم هڪ هائوسنگ سوسائٽي ۾ سيڙائي ڇڏي،ان کان علاوه اڄڪلهه گڏيل عرب امارات ۾ ويٺل هڪ ڪاروباري شخصيت کي به فيض حميد لٽيندو رهيو آهي،فيض حميد جي ڦرلٽ جا داستان تمام گهڻا آهن،جنرل فيض کي گهڻين عالمي طاقتن جو آشيروارد به حاصل هو،فيض حميد جيڪڏهن آرمي چيف ٿئي ها ته هو اڳتي هلي عمران خان کي به وزيراعظم جي عهدي تان هٽائي صدارتي نظام لاڳو ڪري ڇڏي ها ۽ پوءِ عالمي قوتن جي ڏنل ايجنڊا تي عمل ڪري ها،هن جي گرفتاري سان پاڪستان هڪ تمام وڏي سازش کان بچي ويو ۽ تحريڪ انصاف به بچي وئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 15 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.